سرڪاري نوڪرين تي پابنديون برقرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سڄي سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين سرڪاري ملازمتون فراهم ڪرڻ جي ڪيس ۾ سرڪاري نوڪرين تي پابنديون برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جسٽس ظفراحمد راجپوت اڳوڻي حڪومت پاران سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جي طريقي تي سخت ريمارڪس ڏنا جسٽس ظفراحمد راجپوت ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت وڃي رهي هئي ويندي ويندي ڊپٽي ڪمشنرز کي اوپن ۽ بلينڪ مقرريون ليٽرز تي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ چيو ويو چيو ماڻهو اچي رهيو آهي ملازمت جو ليٽر ڏئي ڇڏيو ڪيترائي ڊپٽي ڪمشنر ته موڪل تي هليا ويا جسٽس ظفر راجپوت چيو ته ماڻهن کي چيو ويو ته بليڪ مقرري نامه ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس مان وٺو سرڪاري وڪيل عدالت جي ريمارڪس تي تائيد ڪندي چيو ته مان به اهو ئي ٻڌو آهي جسٽس ظفر راجپوت چيو ته اسان سرڪاري نوڪرين کي ميرٽ ۽ شفافيت جو خيال رکڻو آهي پهريان ٽرانسپورٽ جو ادارو ايس آر ٽي سي هوندو هو ان کي به تباهه ۽ برباد ڪيو ويو ادارا هتي ئي رهندا اسان نه رهنداسين عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ادارن کي سسٽم تحت هلائيندا ته سڀني جو فائدو ٿيندو جيڪڏهن سسٽم بنا هلائيندا ته رڳو ان جو فائدو ٿيندو جيڪي سرڪاري نوڪريون ڪن ٿا عدالت سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ڪيئر ۽ ڊائود انجنيئرنگ يونيورسٽي کي ڪانٽريڪٽ ملازم ڏيڻ لاءِ ٻيهر واضح اشتهار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت منع نامي جي باوجود سيسي ۾ سرڪاري ملازمتون جاري ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن منع نامو جاري ٿي چڪو هو ته ڪيئن سرڪاري نوڪريون جاري ڪري ڇڏيون ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم موقف ڏيندي چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي ۾ هڪ ايس او 40 نوڪريون ڏئي ڇڏيو سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ڪيئن نوڪري ۽ پگهار جاري ڪئي پئي وڃي عدالت سرڪاري نوڪرين تي لاڳو پابندي کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 جنوري 2024 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو