سرڪاري آفيسرن لاءِ لفظ ”صاحب“ جي استعمال تي پابندي، فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن جي لقب سان لفظ ” صاحب “ استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.فيصلي ۾ چيو ويو ته ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ ڊي ايس پي لاءِ لفظ ” صاحب “ استعمال ڪيو.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آفيسرن جي پوزيشن سان لفظ ”صاحب“ لکڻ هاڻي بند ڪيو وڃي. آفيسر پاڻ کي آقا جي چوڻ تي احتساب کان مٿانهون سمجهي ٿو.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته احتساب جي غلط تشريح ناقابل قبول آهي، اهو عوامي مفاد جي خلاف آهي، عوام جي پئسي مان ادا ڪيل ماڻهن سان صاحب جو نالو ڳنڍڻ نامناسب آهي.سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب اها به روايت بڻجي وئي آهي ته باضابطا نوٽيس نه وٺڻ باوجود پوليس اهلڪار عدالت ۾ اچن ٿا. پوليس اهلڪارن کي دستاويزن لاءِ عدالت ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي جيڪي واٽس ايپ يا فيڪس ٿي سگهن ٿا.عدالت حڪم ڏنو ته فيصلي جي ڪاپي آءِ جي پي، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ گهرو کاتي ڪي پي ڪي کي موڪلي وڃي، پوليس ٻار جي موت جي ذميوارن جي نشاندهي لاءِ ڪا به جاچ ناهي ڪئي.سپريم ڪورٽ جي لکت واري فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ناقص جاچ جي وضاحت لاءِ هي بهترين ڪيس آهي.سپريم ڪورٽ مردان ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو