سانحو 9 مئي ڪيس ۾ خديجه شاهه جي ضمانت منظور

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سرگرم ڪارڪن ۽ مشهور فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو،پوليس اختيارين موجب خديجه شاهه 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ پوليس رمانڊ تي هئي، خديجه شاهه کي ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ تي آزاد ڪيو ويو آهي،پوليس اختيارين موجب خديجه شاهه کي 12 ڊسمبر تي ٽرانزٽ ريمانڊ تي لاهور کان ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو هو،خديجه شاهه کي 6 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، پر پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو