سالن کان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جو نتيجو ٻڙي آهي: عدالت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽيل ٽائون مان 5 سالن کان گم ٿيل شهري جي بازيابي نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جاچ آفيسر غير حاضر رهيو.ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي تي عدالت کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي، خاندانن کي همدردي جي ضرورت آهي،عدالت چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽيز جون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون آهن، اڪثر ڪيسن ۾ سالن کان نتيجا صفر رهيا آهن، جاچ آفيسر آخر ڪهڙي مرض جو علاج آهن، اهي سنجيده قدم ڇو نٿا ٿين؟ بعد ۾ عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت صوبائي، وفاقي حڪومت ۽ ٻين ادارن کان رپورٽون طلب ڪري ورتيون.عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر جي عدم پيشي تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو