اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي خلاف ريفرنس ۾ استغاثه جي 3 شاهدن جا بيان اڄ به رڪارڊ نه ٿي سگهيا.راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ريفرنس جي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ 3 شاهدن کي طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب لاهور ۾ مصروفيت سبب وڪيل اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي گهرڀاتين کي به اڄ ٻڌڻي لاءِ عدالت وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.
