سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سڪرنڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. سائفر ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست به رد ڪئي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ 16 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.خاص عدالت آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.پي ٽي آءِ چيئرمين هن وقت سائفر ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي سائبر ڪيس ۾ ٽرائل روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو