اسلام آبا(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس عامر فاروق شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري رد ڪندي کيس جيل اماڻڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست بحال ڪري ڇڏي. 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ گرفتاري سبب ضمانت جي بحالي واري درخواست غير موثر قرار ڏني وئي هئي. ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.احتساب عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي غير حاضري سبب ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين ضمانت واري درخواستن جي بحالي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
