اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ايندڙ هفتي لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سومر تي ٿيندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.عدالت وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي دليلن لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
