راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت قائم عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف ريفرنس جي چوٿين ٻڌڻي ۽ اڊيالا جيل ۾ پهرين ٻڌڻي ٿي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل سيڪريٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪئي.اڊيالا جيل ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان ۽ وائيس چيئرمين پي ٽي آءِ شاهه محمود قريشي جا وڪيل پيش ٿيا، جڏهن ته ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباسي به اڊيالا جيل ۾ پيش ٿيا، عدالت جي ڪمري ۾ پيش ٿيا. ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل ٻاهران اضافي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا ۽ رڳو 12 وڪيلن کي اڊيالا جيل ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيلن اعتراض اٿاريو ته اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ان ڪيمرا ڪيس جي ٻڌڻي جي فيصلي کي چئلينج ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين ايف آءِ اي جي چالان جون ڪاپيون وصول نه ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي اعتراضن سبب عدالت اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي بعد اڊيالا جيل روانو ٿي ويو.
