اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت قائم ملڪ جي پهرين خاص عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود جي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي.آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ملڪ جي پهرين خاص عدالت قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سائوٿ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي عدالت جي اضافي چارج دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جي حوالي ڪئي وئي، جج ابوالحسنات آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سڄي ملڪ ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي عدالت قائم ڪئي وئي آهي جيڪا اسلام آباد ۾ آهي، قانون موجب آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪيمرا ۾ ٿيندي. ذريعن موجب وڪيل شعيب شاهين سيفرن واري معاملي تي ايف آءِ اي سان سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ بار بار جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري به پنهنجي دليلن ۾ پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين جي جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيل علي بخاري ۽ شعيب شاهين عدالت جي مختلف فيصلن جو حوالو ڏنو جڏهن ته ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر خوشنود احمد آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ پڙهي ٻڌايو.بعد ۾ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت قائم اسپيشل ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد شاهه محمود قريشي جي جسماني رمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
