سائفر ڪيس: جيل ٽرائل خلاف درخواست تي فيصلو سڀاڻي ايندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سائفر ڪيس جي جيل ٽرائل خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪيل سببن جي فهرست موجب چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ٽرائل خلاف درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيل بدران عدالت ۾ ٻڌڻي جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪجهه ڏينهن اڳ فيصلو محفوظ ڪيو هو.ٻئي طرف سيڪٽر ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ پڻ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو