سائفر ڪيس بغير ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي، ميڊيا جي داخلا بند

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالتي ڪمري ۾ ايف آءِ اي جو اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباس نقوي، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي قانوني ٽيم ۽ سندن گهرواري به موجود هئا.سائفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ڪيس جي ڪوريج لاءِ اڊيالا جيل ٻاهران وڏي انگ ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا جا نمائندا به موجود هئا، پر ميڊيا جي نمائندن کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو