سائفر ڪيس، جيل ٽرائل جو فيصلو، ٻڌڻي کليل هوندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيشل آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ڪورٽ سائفر ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ايس پي اڊيالا جيل جي سڪيورٽي رپورٽ سبب ٽرائل جيل ۾ ٿيندي، جنهن جي کليل ٻڌڻي ڪئي ويندي،اسلام آباد جي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي عدالت ۾ سڪيورٽي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته عمران خان جون ڀينرون ۽ شاهه محمود جي ڌيءَ به موجود هئي. ٻڌڻي جي شروعات تي وڪيل صفدر سلمان صفدر چيو ته سيفرنس ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. اميد آهي ته عمران خان کي پيش ڪيو ويندو، هن وقت تائين کيس عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ويو، هي رڪارڊ ڪيس آهي، اهڙي تيز رفتاري سان ڪيس ڪڏهن به نه هليو آهي.ان موقعي تي جج ابوالحسنات عدالتي عملدارن کي ڪيس جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوران جيل اختيارين پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن جو جج جائزو وٺندي چيو ته جيل اختيارين چون ٿا ته عمران خان کي پيش نه ٿا ڪري سگهون.سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل عدالت کي خط لکيو جيڪو ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور پڙهي ٻڌايو.خط ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي سبب پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدالت ۾ پيش نه ٿو ڪري سگهجي، اضافي سڪيورٽي لاءِ اسلام آباد پوليس کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي سيڪيورٽي خدشا آهن.سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل اسلام آباد پوليس جي رپورٽ به جيل رپورٽ سان ڳنڍي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو