اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ان ڪئميرا ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سڪرنڊ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايف آءِ اي طرفان ضمانت واري درخواست تي ان ڪئميرا ٻڌڻي جي درخواست تي به ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر شاهه خاور چيو ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ٽرائل کي عام نٿو ڪري سگهجي. ڪجهه بيان ۽ ڪجهه مواد اهڙو هوندو آهي جيڪو عوام ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، ٻين ملڪن جا بيان به عدالت آڏو رکڻا آهن. کليل عدالت ۾ اهڙا بيان ڏيڻ سان ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.ان دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل جو معاملو مختلف آهي، ڇا ضمانت جي ٻڌڻي به ڪيمرا ۾ ٿي سگهي ٿي؟ ان تي وڪيل چيو ته مون کي ان بابت خبر ناهي، توهان به ڏسندا.ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عدالتي ڪارروائي کي لائيو ڏيکارڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته لائيو اسٽريمنگ ٿيندي، اسان اهو معاملو فل ڪورٽ آڏو رکيو آهي، عدالتي ڪارروائي به لائيو ٿيندي، ڪميٽي جوڙي آهي. هن وقت ڪم ڪري رهيو آهي..بعد ۾ عدالت سڪرنڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ان ڪئميرا ڪارروائي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
