زال جڏهن به حق مهر جو تقاضوڪري اهو ان وقت ادا ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ زال کي حق مهر ادا ڪرڻ واري حڪم خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جڏهن به عورت درخواست ڪندي ته مڙس کي حق مهر ڏيڻ جو پابند هوندو.ان حوالي سان 3 صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو آهي. عدالت 6 سالن تائين حق مهر جي ادائيگي ۾ دير ڪرڻ تي مڙس تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي مڙس کي قانوني خرچ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته حق مهر جو حق شرعي تقاضا آهي جنهن کي ملڪي قانون ۾ به تحفظ ڏنو ويو آهي.فيصلي ۾ چيو ويو ته عورت کي حق مهر لاءِ درخواست داخل ڪرڻي هئي جيڪا 6 سالن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ پهتي، عدالتن غير ضروري اپيلون داخل ڪرڻ تي مڙس کي سزا ناهي ڏني.سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن غير ضروري اپيلن تي سزا هجي ها ته صورتحال ان حد تائين نه پهچي ها.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالتون غير ضروري مقدمن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏنڊ لاڳو ڪرڻ کان به انڪار ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو