ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عام چونڊن جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ ٽربيونل قائم ڪيا ويا آهن.اپيليٽ ٽربيونل لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 6 جج نامزد ڪيا ويا آهن، جن ۾ جسٽس ارشاد حسين، جسٽس عدنان ڪريم، جسٽس خادم حسين ڪراچي ۽ حيدرآباد مان اپيلن تي ٻڌڻي ڪندا،ان کان علاوه جسٽس ارشاد علي ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي سکر ۾ فرائض سرانجام ڏيندا، جڏهن ته جسٽس سليم جيسر لاڙڪاڻي ۾ ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن تي اپيلن جي ٻڌڻي ڪندو.










