رياست ڪرپشن ۽ اسمگلنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته رياست ڪرپشن ۽ اسمگلنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي. جڏهن ته پوليس جي عزت هاڻ اڳ جهڙي نه رهي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ 70 تولا سون ڪميٽي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي.عدالت پوليس جي غير معياري جاچ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گرفتار جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي عدالت جوابدار کي ضمانت جي لاءِ 2 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته لڳي ٿو ته پوليس هاڻ ڀاڙي جي پوليس بڻجي وئي آهي. پوليس جي هاڻ اڳ جهڙي عزت نه رهي آهي. اداري جي عزت هجڻ گهرجي، پوليس ۽ پٽواري جي شاهي سسٽم کي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته 10 گرام سون جي ڪميٽي نڪرڻ تي ادا نه ڪئي وئي. چيف جسٽس ان موقعي تي پڇاڻو ڪيو ته گرفتار سوناري کي ڪيترو سون ڪميٽي جي ذريعي ڏيڻو هو؟ مدعي جواب ۾ چيو ته ڪميٽي مان نڪرندڙ 70 تولا سون نه ڏنو ويو. چيف جسٽس چيو ته ڏيڍ ڪروڙ ماليت سون جو ڪوبه انڪم ٽيڪس ادا نه ڪيو ويو اهو سون ڪٿان کان ايندو آهي؟ ان جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هن ڪيس ۾ اصل جوابدار ته پوليس کي بنجڻ گهرجي، پوليس وارا سون جو صرف پنهنجي مطلب لاءِ ئي پڇندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪميٽي گرفتار ڪيل جوابدار ٺاهي پر جاچ گهر ڀاتين کان ڪئي وئي. رياست ڪرپشن ۽ اسمگلنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي.جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ غير معياري جاچ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سون ڪميٽي ۾ گرفتار ٿيل جوابدار کي 2 لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو