ماسڪو (ويب ڊيسڪ)روس جي ڏاکڻي علائقي ۾ پيٽرول پمپ ۾ باهه لڳڻ سبب 27 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو روس جي ڏاکڻي علائقي داغستان ۾ پيش آيو، جتي پيٽرول پمپ ۾ باهه لڳڻ سبب 27 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب داغستان جي گادي واري هنڌ ماخچڪلا ۾ هڪ پيٽرول پمپ تي مقامي وقت موجب رات 9 وڳي زوردار ڌماڪو ٿيو.ميڊيا رپورٽن موجب پمپ ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي، جنهن ڀرسان بيٺل گاڏين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون.ميڊيا رپورٽن موجب مارجي ويلن ۾ ٻار به شامل آهن، جڏهن ته سخت زخمين کي هوائي جهاز ذريعي ماسڪو پهچايو ويو آهي.ريسڪيو عملدارن موجب ڌماڪي کانپوءِ لڳل باهه لڳ ڀڳ 600 چورس ميٽر جي ايراضيءَ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.روسي ميڊيا موجب هڪ اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ آهي ته پيٽرول پمپ ۾ باهه پمپ جي پويان بيٺل ڪار ۾ ڌماڪي کانپوءِ لڳي، جنهن کانپوءِ هر طرف باهه ۽ دونهون پکڙجي ويو.روسي تحقيقاتي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن پيٽرول پمپ ڀرسان بيٺل گاڏي جي مرمت ٿي رهي هئي.
