رمپا پلازا غير محفوظ قرار،سنڌبلڊنگ اٿارٽي

رمپا پلازا غير محفوظ قرار،سنڌبلڊنگ اٿارٽي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گل پلازا ۾ باهه لڳڻ کان پوءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) ڀر واري رمپا پلازا کي غير محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ايس بي سي اي رمپا پلازا انتظاميه ۽ دڪان مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن.سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آهي ته گل پلازا جي ملبي سبب رمپا پلازا جا ستون متاثر ٿيا آهن، ۽ رمپا پلازا جي خطرناڪ حصي جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.رمپا پلازا ۾ ڪنهن به غير مجاز سرگرمي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو