راولپنڊي )ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي سول لائنز ٿاڻي جي علائقي جھندا چيچي ۾ سخت تڪرار تي فائرنگ جي واقعي ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا.پوليس موجب، مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدار فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا.ذريعن موجب، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ثبوت گڏ ڪيا، پوليس جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.پوليس ذريعن موجب فائرنگ جو واقعو معمولي تڪرار تي پيش آيو، پر جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










