راجا خان ۽ وشال وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ،ٺاهه ٿي ويو

راجا خان ۽ وشال وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ،ٺاهه ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)زراعت واري وزير سردار محمد بخش خان مهر پي پي ايم پي اي راجا خان مهر ۽ سندس پارٽنر وشال ڪمار وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ڪرائي ڇڏي.صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي ڪراچي واري رهائشگاهه تي راجا خان مهر ۽ وشال ڪمار وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ٿي وئي. صوبائي وزير ڪردار ادا ڪندي ٻنهي وچ ۾ رنجشون ختم ڪرائي کين کير کنڊ ڪري ڇڏيو.ترجمان موجب ٺاھ ٿيڻ بعد راجا خان مهر ۽ وشال ڪمار هڪٻئي کي ڀاڪر پِڻ پاتا،ذريعن موجب راجا خان مهر ۽ وشال ڪمار وچ ۾ ڪاروبار جي حوالي سان ڏيتي ليتي يا حساب ڪتاب ڪاميٽي وسيلي حل ڪيو ويندو،ٺاهه بعد صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر اسان ڌرين جا اختلاف ختم ڪرائي ٻنهي کي ٻيهر ھڪ ڪيو ويو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو