ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي خلاف صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي جي فيصلي خلاف صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بئنچ صدارتي ريفرنس تي 12 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ لارجر بئنچ جي سربراهي ڪندو. لارجر بئنچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس امال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن علي رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو