ڀٽو ريفرنس،9 معاون مقرر،جسٽس منصور جا سخت سوال،ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ذوالفقار ڀٽو صدارتي ريفرنس ۾ عدالت جي مدد لاءِ 9 مددگار مقرر ڪري ڇڏيا آهن.چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بينچ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن. پيپلزپارٽي جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان روسٽرم تي موجود آهن،پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، سيد قائم علي شاهه ۽ ٻيا سينيئر اڳواڻ به عدالتي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ عدالتي ڪمري ۾ موجود آهن،پيپلز پارٽي جي فاروق ايڇ نائيڪ ڪارروائي لائيو نشر ڪرڻ تي عدالت جو شڪريو ادا ڪيو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست ڪئي.ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت ريفرنس ۾ پيش ٿيندڙ وڪيلن جا نالا لکي ڇڏيا، چيف جسٽس فاروق نائيڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي درخواست کان اڳ اسان لائيو نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، هر قانوني وارث کي ٻڌڻ جو حق آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هي صدارتي ريفرنس آهي، پوءِ ڇا حڪومت اڃا ان کي هلائڻ چاهي ٿي؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته مون کي هدايتون آهن ته حڪومت صدارتي ريفرنس هلائڻ چاهي ٿي، ريفرنس 15 صفحن تي مشتمل آهي.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته صدارتي ريفرنس ۾ صدر اسان کان ڇا ٿو چاهي، هي ريفرنس ڪهڙي صدر داخل ڪرايو آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته آصف زرداري هي ريفرنس صدر طور موڪليو هو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن صدر صدارتي ريفرنس واپس نه ورتو ته اهو عدالت جي دائري ۾ آهي.چيف جسٽس اٽارني جنرل کي ريفرنس پڙهي ٻڌائڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ريفرنس 15 صفحن تي مشتمل آهي.ٻڌڻي دوران احمد رضا قصوري روسٽرم تي آيو ۽ نسيم حسن شاهه جي اخبار ۾ ڏنل انٽرويو جو حوالو ڏنو، جنهن تي جسٽس جمال پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جسٽس نسيم حسن شاهه جي انٽرويو تي اعتبار ڪندا؟چيف جسٽس چيو ته بهتر ٿيندو ته اٽارني جنرل پنهنجا دليل پيش ڪري.اٽارني جنرل چيو ته 21 اپريل 2011 تي صدارتي آرڊر جاري ڪيو ويو ۽ ڀٽو ريفرنس جا سوال صدارتي آرڊر ذريعي فريم ڪيا ويا.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته هڪ سينيئر ميمبر بينچ ۾ شامل ٿيڻ نه ٿو چاهي، ٻن وڌيڪ ججن ذاتي سببن تي ٻڌڻي کان معذرت ڪئي، جنهن بعد 9 رڪني بينچ جوڙي وئي. ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه صدارتي ريفرنس تي سوال اٿاريندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس جو فيصلو ڏئي چڪي آهي، ريفرنس به ڪالعدم قرار ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ٻي ريويوشن جي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي، هڪ ڪيس ختم ٿي چڪو آهي، عدالت ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ قانوني سوال ڇا آهي؟ فيصلو خراب هو ته به سپريم ڪورٽ جو فيصلو حتمي آهي ۽ ان کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، اهي آئيني سوال آهن جن جا جواب ملڻ گهرجن. جسٽس منصور فاروق نائيڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان عدالت کي ڪو به قانوني ريفرنس ڏيو ته آرٽيڪل 186 تحت داخل صدارتي ريفرنس ذريعي سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي نظرثاني نه ٿي ڪري سگهجي، هاڻي ڀٽو صاحب جي فيصلي کي هٿ به نه ٿو لڳائي سگهجي، عدالت کي ٻڌايو ته ڪيئن؟ حتمي ٿيڻ کانپوءِ ڪيس ٻيهر کوليو وڃي؟ ان تي فاروق نائيڪ چيو ته ڀٽو ڪيس عوامي اهميت جو ڪيس هو.جسٽس منصور چيو ته صدر کي عوامي اهميت واري سوال کي ڏسڻو هو، عدالت قانوني سوال کي ڏسندي، ڪيس ڪجهه به هجي، عدالت قانوني سوالن کانسواءِ ڪيئن فيصلو ڪري سگهي ٿي؟ عدالت کي ڪهڙي قانون تحت هي ريفرنس هلائڻ گهرجي؟،بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جنوري تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڪيس ۾ 9 عدالتي مددگار مقرر ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جسٽس (ر) منظور ملڪ کي عدالتي معاون مقرر ڪيو ويو پر سندس مدد سندس رضامندي سان مشروط هوندي، هو لکت ۾ يا ذاتي طور تي عدالت جي مدد لاءِ پيش ٿي سگهي ٿو، خواجا حارث فوجداري معاملن تي عدالت جي مدد ڪندو. جڏهن ته بئريسٽر سلمان صفدر کي به عدالتي معاون مقرر ڪيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ چيو ته آرٽيڪل 186 تحت صدارتي ريفرنس داخل ڪيو ويو ۽ آخري ڀيرو صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي 2012ع ۾ ٿي، بدقسمتي سان ان کانپوءِ ريفرنس جي ٻڌڻي نه ٿي ۽ التوا ۾ رهي.عدالت ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي ٻڌڻي جنوري جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو