ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته جماعت اسلامي خلاف ڪيس ۾ دهشتگردي جون دفعات شامل ڪرڻ گهرجن ها.سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته هن حافظ نعيم کي پيغام پهچايو آهي ته سنڌ اسيمبلي ڏانهن ويندڙ رستو بند نه ڪيو وڃي.هن چيو ته جيڪڏهن حافظ نعيم ۽ جماعت اسلامي احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا ته اهي مين روڊ تي نه پر سروس روڊ تي ڪن، جيڪڏهن اهي احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا ته پريس ڪلب جي ٻاهران ڪن،سنڌ جي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي روڊ بلاڪ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ڪنهن کي به هاءِ وي بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ناهي.هن چيو ته جيڪڏهن دڪانون بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ته قانون حرڪت ۾ ايندو، جماعت اسلامي شارع فيصل بند ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.ضياءُ الحسن لنجار اهو به چيو ته شارع فيصل کي بند ڪرڻ جي ڪيس ۾ دهشتگردي جون دفعات شامل ڪرڻ گهرجن ها، جيڪڏهن ائين ٿيو ته مستقبل ۾ ڪو به رستو بلاڪ ڪرڻ جي همت نه ڪندو.










