اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ مخصوص سيٽن لاءِ مسلم ليگ (ن) جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اقليتي سيٽ لاءِ مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ (ف) جي وچ ۾ ٽاس ٿيندو.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪي پي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن 9، جي يو آءِ 9، پي پي 5، پي ٽي آءِ پي ۽ اي اين پي کي هڪ هڪ سيٽ اضافي ملي آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ (ن) کي خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ اقليتي سيٽ پڻ ملي آهي، جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ پي وچ ۾ ٽاس ٿيندو.










