پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ سياحتي هنڌن ۽ سياحن بابت هڪ ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي.خيبر پختونخوا جي سياحت کاتي جو چوڻ آهي ته 21 جولاءِ کان 29 جولاءِ تائين سياحتي علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.سياحت کاتي سياحن کي هدايت ڪئي آهي ته غير ضروري سفر نه ڪن ۽ سياحتي هنڌن تي وڃڻ کان اڳ 1422 تي ڪال ڪن.سياحت سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالصمد چيو ته سياحن کي خطرناڪ علائقن ۾ غير ضروري سفر ڪرڻ ۽ دريائن جي ڪنارن تي وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڪالهه پڻ، ڪاغان ڊولپمينٽ اٿارٽي 500 کان وڌيڪ سياحن کي بچايو. جھيل سيف الملوڪ روڊ تي ڪڪر ڦاٽڻ سبب لينڊ سلائيڊنگ سبب روڊ بند ڪيو ويو هو.










