خطي ۾ جنگي صورتحال: پاڪستان جون  116 وڌيڪ اڏامون رد

خطي ۾ جنگي صورتحال: پاڪستان جون 116 وڌيڪ اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خطي ۾ جنگي صورتحال سبب پاڪستان ۾ پروازن جو شيڊول بحال نه ٿي سگهيو، ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تي وڌيڪ 116 اڏامون رد ڪيون ويون، يو اي اي، بحرين، ڪويت، قطر ۽ ٻين ملڪن لاءِ پروازون ٽيڪ آف نه ٿي سگهيون، ڪراچي، اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين هوائي اڏن تان اڏامون رد ڪيون ويون.وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تيرهن سئو وڌيڪ اڏامون رد ڪيون ويون، وچ اوڀر جي ستن هوائي اڏن تي 9,500 اڏامون رد ڪيون ويون، يو اي اي سول ايوي ايشن اٿارٽي پروازون بحال ڪيون، دبئي، ابو ظهبي ۽ شارجه هوائي اڏن تان محدود ڪمرشل اڏامون هلايون ويون آهن ، ايئر لائن عملدارن مسافرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اطلاع ملڻ کان پوءِ ئي هوائي اڏي تي وڃن، اردن به پنهنجي هوائي حدون ٻيهر کوليون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو