لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مشهور ڊيزائنر ۽ ايڪنوسٽ خديجه شاهه جي جناح هائوس حملي ۽ عسڪري ٽاور کي ساڙڻ، گهيراءُ جي ڪيس ۾ ضمانت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مس عاليه نيلم ۽ اسجد جاويد گهرل تي ٻڌل 2 رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي ڪارڪن مشهور ڊزائنر خديجه شاهه سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت وارين درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. بينچ خديجه شاهه جي جناح هائوس حملي، عسڪري ٽاور ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت وڌيڪ 6 جوابدارن جون به ضمانتون منظور ڪري ورتيون آهن جڏهن ته نامزد جوابدار سفيان جي ضمانت واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي.فيصلو ٻڌائڻ وقت خديجه شاهه جو مڙس، والده، ڀيڻ سميت ٻيا مائٽ به عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا. عدالتي فيصلي کان پوءِ خديجه شاهه جي مڙس چيو ته رب پاڪ جو شڪر آهي ته مون کي انصاف ملي ويو آهي.
