خاور مانيڪا کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.اينٽي ڪرپشن طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ گرفتار خاور مانيڪا کي 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پراسيڪيوشن ليپ ٽاپ ذريعي عدالت کي سرڪاري زمين تي تعمير ٿيل شادي هال ۽ 26 دڪان ڏيکاريا. جڏهن ته پراسيڪيوشن ٽيم شادي هال ۽ دڪانن جي وصول ڪيل ڀاڙن جون پرچيون به عدالت ۾ پيش ڪيون.پراسيڪيوشن طرفان خاور مانيڪا جي وڌيڪ 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي جنهن کي عدالت رد ڪندي خاور مانيڪا کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو