خان ۽ قريشي کي 28 نومبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم

خان ۽ قريشي کي 28 نومبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي 28 نومبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.شاهه محمود قريشي جا وڪيل علي بخاري ۽ خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا.جج ابو الحسنات ذوالقرنين پڇاڻو ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي ڪٿي آهي؟ عدالتي عملو جج کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي ڏني.جج ابو الحسنات ذوالقرنين وڪيل علي بخاري سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته بخاري صاحب اها توهان جي وڏي ڪاميابي آهي.وڪيل علي بخاري چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان اهو چئي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو