خان ۽ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ باني 6 ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 16 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو وڪيل خالد يوسف پيش ٿيو.جج افضل مجوڪا ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني جي وڊيو لنڪ تي پيش ٿيڻ لاءِ اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.وڪيل خالد يوسف چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته عدالت جي نوٽيس تي عمل ناهي ٿيو.جج افضل مجوڪا چيو ته جيل اختيارين کان شوڪاز جو جواب آيو ته اڳتي ڏسنداسين، نڪاح ڪيس ۾ اپيلن جو فيصلو 8 جولاءِ تائين ٿيڻو آهي، ضمانتون بعد ۾ رکيون وينديون.ان سان گڏ عدالت پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 16 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو