اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تي ٿيندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.عدالت ڪجهه ڏينهن اڳ درخواست تي دليل مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.عدالت ڪجهه قانوني نقطن جي وڌيڪ وضاحت لاءِ ڪيس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
