اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق لکت ۾ حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان کي اٽڪ جيل منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.عدالت چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ سموريون سهولتون ڏنيون وڃن جنهن جو هو حقدار آهي.ان کان علاوه عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست منظور ڪري ورتي.
