خان جي ڪوريج تي بندش بابت پيمرا جو حڪمنامو معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪوريج تي پابندي لڳائڻ وارو پيمرا جو حڪمنامو معطل ڪري ڇڏيو،9مئي جي واقعن کانپوءِ پيمرا پاران پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمود اي خان ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، درخواست گذار جي وڪيل بيرسٽر علي طاهر چيو ته پيمرا چيئرمين اڪيلي سر حڪم جاري ڪيو هو،وڪيل موجب هڪ سياسي جماعت کي نشانو بڻائڻ لاءِ پيمرا بورڊ ۽ ڪائونسل آف ڪمپلين جي ڪورم کي نظرانداز ڪيو ويو، آرڊر پاس ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ميمبرن کي ٻڌو به نه ويو،عدالت دليل ٻڌڻ بعد پيمرا جي حڪمنامي کي معطل ڪري ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو