اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ بابت خصوصي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي قانوني ٽيم ۽ ڊاڪٽر آصف علي زرداري سان ملاقات جي درخواست منظور ڪري ورتي.پي ٽي آءِ چيئرمين خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي عدالت ۾ پنهنجي نامزد وڪيل نعيم پنجوٿا ذريعي درخواست داخل ڪئي.پي ٽي آءِ چيئرمين وڪيلن لطيف کوسا، سمير کوسا ۽ سلمان اڪرم راجا سان ملاقات جي درخواست داخل ڪئي.چيئرمين پي ٽي آءِ درخواست ۾ ڊاڪٽر عاصم يوسف سان ملاقات جو به مطالبو ڪيو. جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست منظور ڪري ورتي جنهن بعد پي ٽي آءِ چيئرمين کي وڪيلن ۽ ڊاڪٽر عاصم يوسف سان ملاقات جي اجازت ملي وئي.
