خان جا گرفتاري وارنٽ جاري،نيب هٿان گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيب توشه خانه ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا،اسلام آباد جي احتساب عدالت گرفتاري وارنٽس جي تعميل جي منظوري ڏئي ڇڏي،چيئرمين نيب پاران جاري ڪيل وارنٽس جي تعميل لاءِ نيب پاران احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي،احتساب عدالت جي جج محمد بشير درخواست تي ٻڌڻي هلائي، نيب جو ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي، پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا،عدالت سوال ڪيو ته هاءِ ڪورٽ ڇا ڪيو آهي، پراسيڪيوٽر چيو ته ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت نه حڪم معطل ڪيو آهي ۽ نه وري ڪو اسٽيٽنگ آرڊر جاري ڪيو آهي،عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي گرفتاري وارنٽس جي تعميل لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو