جبري گم ٿيل ماڻهن لاءِ ڪميشن ڇا ڪرڻ چاهي ٿي؟

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جبري گم ٿيل ماڻهن لاءِ جوڙيل ڪميشن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت جبري گم ٿيل ماڻهن لاءِ جوڙيل ڪميشن لاءِ ڇا ڪرڻ چاهي ٿي؟ جيڪو ڪنهن ڪم جو نه آهي؟ ڇا ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي پگهارون به ملنديون آهن؟ ڇا جبري گم ٿيل ماڻهن لاءِ جوڙيل ڪميشن قومي ناڻي تي بار نه آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل چيو ته ان حوالي سان ته ڪميشن کي ٻڌائڻو آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪميشن ڇا ٻڌائيندو؟ اوهان حڪومت آهيو، اوهان کي ٻڌائڻو آهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪميشن ساڍا 10 هزار مان ساڍا 7 هزار ڪيس اڪلايا آهن جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته اهي انگ اکر ڊي چوڪ تي لڳائي ڇڏيو، اهي صرف انگ اکر ئي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو