ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) حڪومت طرفان ڪيل ڪوششن جي باوجود سموري ملڪ ۾ اٽو عوام جي پهچ کان وڌيڪ پري ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ درآمد ڪرڻ جي باوجود عوام کي مهانگائي کان رليف نه ملي سگهيو.تازو سامهون ايندڙ انگن اکرن موجب 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت مختلف شهرن ۾ وڌي 3 هزار 800 روپين تائين پهچي ويو آهي.وفاقي شماريات کاتي جي دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو سڀني کان وڌيڪ قيمت تي وڪرو ٿي رهيو آهي. جتي شهرين کي انهي جي لاءِ 3 هزار 800 روپيه ادا ڪرڻا پئجي رهيا آهن. اهڙي طرح پشاور ۾ به ساڳيو ٿيلهو 3 هزار 750 روپيه جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 3 هزار 733 روپين ۾ دستياب آهي.دستاويز موجب ڪراچي ۾ 20 ڪلو اٽي جي قيمت 3 هزار 600 روپيه رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته بنون ۽ ڪوئٽه ۾ به صارفين کي ساڳئي وزن جو ٿيلهو 3 هزار 600 روپين ۾ خريد ڪرڻو پئجي رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ انهي جي قيمت 3 هزار 560 روپين تائين پهچي چڪي آهي.گوجرانواله ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 3 هزار 533 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ به انهي جي قيمت وڌي 3 هزار 533 روپين تائين پهچي وئي آهي.










