حيدرآباد ۾ هلندڙ ٽرين اوچتو ٻه حصن ۾ ورهائجي وئي

حيدرآباد ۾ هلندڙ ٽرين اوچتو ٻه حصن ۾ ورهائجي وئي

حيدرآباد (ن س) ملتان کان ڪراچي ايندڙ بهاوالدين ذڪريا ايڪسپريس وڏي حادثي کان بچي وئي.اڄ صبح پاڪستان ريلوي جي ملتان کان ڪراچي تائين هلندڙ ريل گاڏي بهاوالدين ذڪريا ايڪسپريس سان حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ڀرسان هڪ غير معمولي واقعو پيش آيو، ريل گاڏي هلندي هلندي اوچتو ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي.اختيارين موجب ٽرين ڪپلنگ ٽٽڻ سبب ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، ٽرين جي رفتار انتهائي گهٽ هجڻ سبب مسافر محفوظ رهيا.اطلاع ملڻ تي ريلوي جي ٽيڪنيڪي عملي مرمت کانپوءِ ٽرين کي روانو ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو