حيدرآباد مان گم ٿيل نوجوان جو لاش هٿ

حيدرآباد مان گم ٿيل نوجوان جو لاش هٿ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد مان چار ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان جو لاش اڪرم واهه مان مليو آهي. 40 سالن جو قاسم پنهور، جيڪو ڳوٺ جوڳي پنهور جو رهواسي هو، پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن بابت سندس وارثن هوسڙي ٿاڻي تي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي.پوليس موجب نوجوان جو دماغي توازن درست نه هو ۽ چار ڏينهن جي ڳولا بعد اڄ هوسڙي ٿاڻي جي حدن ۾ اڪرم واهه مان سندس لاش هٿ آيو. پوليس ضروري ڪارروائي مڪمل ڪري لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو