حماس سعودي-اسرائيل لاڳاپن تي حملو ڪرڻ چاهي ٿي: بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جي حملن جو هڪ مقصد سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ واري عمل کي سبوتاز ڪرڻ هو.فنڊ گڏ ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي بائيڊن چيو ته حماس کي خبر آهي ته هو جلد ئي سعودي قيادت سان ان مسئلي تي بحث ڪرڻ وارو آهي. بائيڊن تصديق ڪئي ته هن اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو غزه ۾ زميني جنگ ۾ دير ڪري ته جيئن ڳالهين ذريعي وڌيڪ يرغمالين کي آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو