حماس حملن ۾ اسرائيلي 5 سئو ڄڻن کان وڌيڪ فوت،1590 زخمي

حماس حملن ۾ اسرائيلي 5 سئو ڄڻن کان وڌيڪ فوت،1590 زخمي

عزهه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل تي فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي حملن ۾ هڪ سينيئر آرمي ڪرنل سميت اسرائيلي مارجي ويلن جو انگ 500 کان وڌي ويو، جڏهن ته 1590 ڄڻا زخمي ٿي پيا.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج طرفان حماس جي حملن ۾ 200 اسرائيلي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.اسرائيلي اخبار موجب حماس سان مقابلي ۾ سڀ کان سينيئر اسرائيلي سپاهي ڪرنل جونٿن اسٽينسبرگ پڻ مارجي ويو، جڏهن ته حماس سينيئر اسرائيلي ڪمانڊر ميجر جنرل نمرود الوني سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن کان اسرائيل تي 7000 راڪيٽ وڌيڪ فائرنگ ڪئي وئي. اسرائيلي حملن ۾ 232 فلسطيني شهيد جڏهن ته 1700 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، اسرائيلي هوائي فوج فلسطيني گهرو وزارت جي عمارت کي تباهه ڪري ڇڏيو، اسرائيلي فوج موجب اسرائيل ۾ 22 هنڌن تي اڃا تائين جنگ جاري آهي.فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارتي، ترڪي ۽ آسٽريائي ايئرلائنز سميت درجنين ايئرلائنز اسرائيل لاءِ پنهنجون اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن. واضح رهي ته ڇنڇر جي صبح غزه مان اسرائيل تي 7000 راڪيٽ فائر ڪيا ويا هئا، جنهن کانپوءِ فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي هئي، فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي حملن ۾ صهيوني فوجين سميت 500 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا هئا. زميني، سمنڊ ۽ هوا کان اسرائيل مارجي ويا، سوين زخمي ۽ درجنين يرغمال بڻيا.

پهنجو تبصرو موڪليو