ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.ڪراچي پوليس موبائل ساڙڻ واري ڪيس ۾ هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي حليم عادل شيخ کي سخت سڪيورٽي ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو.پوليس عدالت کي ٻڌايو ته مبينا ٽائون ٿاڻي ۾ حليم عادل ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جي جاچ آفيسر حليم عادل جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي عدالت ۾ درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي حليم عادل شيخ کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. عدالت ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي حليم عادل چيو ته پي ڊي ايم نگران حڪومت کي به مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي.نگران حڪومت ڊالر رکي ته کنڊ هٿ مان نڪري وڃي ٿي.هن چيو ته اسيمبلي فلور تي چيو ويو ته ڪچي چورن کي سزا بعد ۾ ڏني ويندي، جيستائين پڪي جا ڌاڙيل پڪڙا وڃن، تيستائين ڪچي جا چور نه پڪڙياويندا،ان موقعي تي حليم عادل پنهنجي خلاف داخل ڪيسن کي سياسي قرار ڏنو.
