ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت مبينا ٽائون ٿاڻي تي ڪيس ۾ حليم عادل جو هڪ ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪري ورتو.عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي پرزائيڊنگ جج آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پوليس موجب حليم عادل شيخ تي ڪار ساڙڻ سميت ٻيا الزام آهن.واضح رهي ته پوليس مبينا ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ حليم عادل جي گرفتاري جو انڪشاف ڪيو هو.
