حامد رضا جو نالو هراسان ڪرڻ لاءِ اي سي ايل ۾ وڌو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سُني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا جو نالو سفري پابندين واري لسٽ مان ڪڍڻ واري درخواست تي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق صاحبزاده حامد رضا جو نالو سفري پابندين واري لسٽ مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڊپٽي اٽارني جنرل سيد احسن رضا کي روسٽرم تي سڏايو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اهي ٻاهر ويندا ۽ واپس نه ايندا؟ سياسي اڳواڻ ٻاهر آهن ۽ واپس ايندا، اي سي ايل ۾ نالو صرف تنگ ڪرڻ لاءِ شامل ڪيو ويو.عدالت جوابدار کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو