جڙانوالا حادثو،چيف سيڪريٽري جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جڙانوالا سانحي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست تي چيف سيڪريٽري پنجاب کي 15 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ساجد محمود سيٺي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي حڪومتي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا واقعي تي اڃا تائين جوڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي؟ پبلڪ ايڊووڪيٽ جواب ڏنو ته اڃا تائين ڪا ڪميشن ناهي ٺاهي وئي. درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جڑانوالا واقعي ۾ اقليتن جا بنيادي آئيني حق متاثر ٿيا.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته جاچ لاءِ اختيار ڪيل طريقيڪار سستو آهي ۽ موجوده طريقيڪار مسيحي برادري کي انصاف نٿو ڏئي.درخواستگذار لاهور هاءِ ڪورٽ کي استدعا ڪئي ته انصاف لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو