جيل ٽرائل خلاف خان جي درخواست فل بينچ آڏو پيش ڪرڻ جي سفارش

لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ جيل ٽرائل خلاف تحريڪ انصاف جي باني جي درخواست فل بينچ آڏو پيش ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليا نيلم اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين جي جيل ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت چيو ته فل بينچ آڏو اهڙي ئي درخواست جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن سائفر ۽ القادر ٽرسٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان اهي سمورو رڪارڊ درخواست سان ڳنڍيو، جيڪڏهن هڪ ڪيس ۾ آرڊر ڏيون ته باقي تي ڪهڙو اثر پوندو، توهان سمورو رڪارڊ فراهم ڪيو،عدالت جي هدايت تي باني پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن 13 ڊسمبر تي جيل ٽرائل تي پهچندي، ان تي جسٽس عاليا چيو ته توهان وٽ 100 وڪيلن جي ٽيم آهي، فوري طور رڪارڊ گهرايو،باني پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسان رڪارڊ فراهم ڪري ڇڏيو آهي، توهان درخواست سڀاڻي تائين مقرر ڪيو، عدالت چيو ته توهان متفرق درخواست ذريعي سمورا دستاويز جمع ڪرايو پوءِ ڏسون ٿا. جنهن بعد عدالت چيف جسٽس کي پي ٽي آءِ باني جي درخواست فل بينچ آڏو پيش ڪرڻ جي سفارش ڪندي جيل ٽرائل جي نوٽيفڪيشن سان لاڳاپيل رڪارڊ کي درخواست سان شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو