خان جي اپيل منظور،جج جي مقرري درست،جيل ٽرائل ڪلعدم قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل ٽرائل جو 29 آگسٽ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو هاڻي جاري ڪيو ويو آهي.اهو پڻ سيڪريٽ ايڪٽ جي جج جي مقرري جي خلاف فيصلو ڪيو.عدالت جيل ٽرائل خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي جيل ٽرائل جو 29 آگسٽ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت فيصلي ۾ چيو ته غير معمولي حالتن ۾ ٽرائل جيل ۾ ٿي سگهي ٿو، قانون موجب جيل ٽرائل اوپن يا ان ڪئميرا ٿي سگهي ٿو.فيصلي ۾ چيو ويو ته 13 نومبر تي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن لاڳو نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو