شوڪاز نوٽيس واپس وٺو، جسٽس مظاهر جو جواب جمع

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر اڪبر نقوي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان جاري ڪيل نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.جسٽس مظاهر نقوي جواب جي ڪاپي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني ڪميٽي ڏانهن به اماڻي ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مون 2 آئنيي درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري رکيون آهن. منهنجي درخواستن تي اڃان تائين نمبر نه لڳايو ويو، اهي آئيني درخواسون 3 رڪني ڪميٽي جي سامهون رکيون وينديون ۽ منهنجي ٻنهي آئيني درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو.جسٽس مظاهر درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته منهنجي خلاف جاري شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي. ياد رهي ته جسٽس مظاهر نقوي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت جي معاملي تي ڪائونسل طرفان جاري شوڪاز نوٽيس کي سپريم ڪورٽ ۾ به چيلينج ڪري رکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو