ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مقامي عدالت گرفتار جوابدار جي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪيس ۾ حليم عادل شيخ جي ضمانت منظور ڪري ورتي.ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ ڪراچي ۾ گرفتار جوابدارن جي فرار ٿيڻ جي ڪيس ۾ حليم عادل شيخ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پوليس موقف اختيار ڪيو ته حليم عادل حسن نيازي کي پوليس حراست مان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.عدالت مختصر ٻڌڻي کانپوءِ حليم عادل جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.جڏهن ته حليم عادل شيخ خلاف ٽائون ٿاڻي ۾ پوليس موبائيل کي باهه ڏيڻ جو ڪيس اڃا تائين هلندڙ آهي، جنهن ۾ سندس ضمانت نه ٿي سگهي آهي.
